گلشن شيخ

گلشن شيخ

گلشن شيخ

گلشن شيخ : مشهور صحافي، سماج سڌارڪ ۽ ٽي وي اينڪر گلشن علي ولد ميهر خان شيخ 13 اپريل 1973ع تي نئين ديري ڀرسان ڳوٺ بهمڻ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.نئين ديري ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين،کيس ادب سان گهري دلچسپي ۽ صحافت جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. هن 1995ع ۾ نئين ديري ۾ ’نئون ديرو پرنٽنگ پريس‘ قائم ڪئي، جيڪا نئين ديري جي تاريخ ۾ پهرين پرنٽنگ پريس هئي. ان دوران هفتيوار اخبار’ساوڪ‘ جاري ڪيائين، جنهن جا لڳاتار ٽيهه پرچا شايع ٿيا.گلشن شيخ روزگار سانگي ڪراچي وڃڻ کان پوءِ اتان جي دوستن سان گڏجي ڪراچيءَ جي قديم ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ ’قديم ڳوٺ اتحاد ايڪشن ڪميٽي‘ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ٿي رهيو. ڪراچيءَ ۾ صحافتي سرگرمين سان سلهاڙجڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ مان ’رچنا‘ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن جا 12 پرچا شايع ٿيا. گلشن ڪيتري ئي عرصي تائين روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچيءَ جو ضلعي رپورٽر رهيو ۽ ’نيشنل پريس ڪلب اوڀر ڪراچي‘ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.کيس ’سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن‘ ۽ ’پاڪستان آرٽس ڪائونسل‘ پاران صحافتي خدمتن عيوض ٽي اوارڊ مليا. گلشن شيخ اداڪاري ۽ پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي. سندس ڪيترائي ڊراما ٽي وي توڙي اسٽيج تي پڻ پيش ٿيا. هو ڪيترو ئي عرصو سنڌ ٽي وي نيوز ۽ مهراڻ ٽي وي جو چيف رپورٽر ۽ بيورو چيف پڻ ٿي رهيو. 29 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ گلشن شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.13  عيسوي

مشهور صحافي ۽ سماج سڌارڪ گلشن علي ولد ميهر خان شيخ 13 اپريل 1973ع تي نئين ديري ڀرسان ڳوٺ بهمڻ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو


2021.09.29  عيسوي

گلشن شيخ 29 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زلف پيرزادو
شاهنوار ٽالپر
امين ارباب
شيخ نظر محمد بسمل
عبدالرحمان قاضي1
علي قاضي
حاجي محمود هالائي
سيد غلام رسول شاهه
لائق سنڌي ٿيٻو
آفتاب احمد خانزاده
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون